پاڪستان جي معاشي معاملن جو حل ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪي سفير

اسلام آباد: پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان جي سنجيده معاشي معاملن تي سمورن شعبن مان حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان سنگين اهميت جوڳن معاشي چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان کي مشڪل وقت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪو رستو ملي. ان ڪري پاڪستان جي سنجيده معاشي معاملن تي سمورن شعبن مان حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون

آمريڪي سفير چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام به ساڳئي معاملي جو هڪ حصو آهي. تازو ئي واشنگٽن ۾ اعليٰ سطحي واپار ۽ سرمائيڪاري بابت ڳالهيون ڪيون ويون. هلندڙ هفتي سينئر سطح جي توانائي، سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي ڳالهيون جنيوا ڳالهين جو فالو اپ آهن.
ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن جيان انساني حقن جي چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان کي اهڙن الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو. آمريڪي سفير وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان اڃان به ڀائيوار آهيون. سيڪيورٽي جي شعبي ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔