سنڌ ۾ وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کان ڪمانڊوز سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ بدامني ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

عدالت وي آءِ پيز، وزيرن، بيورو ڪريٽس کان ايس ايس يو ڪمانڊوز  جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو

عدالت حڪم ڏنو آهي ته آءِ جي سنڌ امن امان بابت عدالت ۾ جمع ڪرايل پلان تي عمل درآمد يقيني بڻائي، صرف غير ملڪين کي پروٽوڪول ڏنو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر چيو ته سنڌ حڪومت ملٽري گريڊ هٿيارن جي خريداري لاءِ بجيٽ فراهم ڪري، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڀرپور آپريشن سان گڏ لاڳاپيل ضروري قدم کنيا وڃن

عدالت چيو ته هر ڏوهه جي ايف آئي آر جي داخل ٿيڻ بڻايو وڃي، جاچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔