عمران خان جي امڪاني گرفتاري،بڪتربند گاڏي ۽ پوليس ٽيم زمان پارڪ پهچي وئي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي ڳري نفري سان گڏ زمان پارڪ پهچي وئي آهي

پوليس جون بڪتر بند گاڏيون به زمان پارڪ پهچي ويون آهن، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي زمان پارڪ آمد جاري آهي

ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري به عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ پهچي ويو آهي ۽ اسلام آباد پوليس جي قيادت ڪري رهيو آهي

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي سمورن ٿاڻي جي نفري گڏ ڪئي پئي وڃي، اينٽي رائٽ يونٽ کي ڳوڙها آڻيندڙ شيل به فراهم ڪيا ويا آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ نفري کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري کان زمان پارڪ ۾ هڪ صحافي سوال ڪيو ته اوهان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيڏانهن وٺي ويندا؟ شهزاد بخاري جواب ڏنو ته پهريان گرفتار ٿي وڃي پوءِ اوهان کي ٻڌائينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔