عمران خان هڪ ملاقات ۾ نيب ڪيسز تي رهنمائي گهري هئي جنهن کان انڪار ڪري ڇڏيو هو: ثاقب نثار

اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان مون سان هڪ ملاقات دوران نيب ڪيسز بابت رهنمائي گهري هئي جنهن کان مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو هو.
نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي ثاقب نثار چيو ته منهنجو موجوده ججز سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي، عمران خان سان 2 ملاقاتون ٿيون، پهريان سندس وزيراعظم جي دور ۾ ۽ ٻئي بعد ۾ ٿي. پهرين ملاقات ۾ عمران خان چيو ته نيب ڪيسز خراب ٿي رهيا آهن، اوهان رهنمائي ڪريو، عمران خان چيو ته شهزاد اڪبر جي جڳهه تي ٻيو ڪو ماڻهو ٻڌايو جيڪو هن ڪيسز کي ختم ڪرائي. مون عمران خان کي انڪار ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري. جڏهن ته ٻئي ملاقات ۾ مون عمران خان کي چيو ته عدليه بابت رات 12 وڳي واريون ڳالهيون نه ڪريو. عمران خان کي اهو به چيو ته عدليه تي بنا ڪنهن سبب جي تنقيد ڪري ادارن کي نقصان نه پهچايو.

اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان به 2 ملاقاتون ٿيون پهرين ملاقات ۾ هو چندو ڏيڻ آيو هو، جڏهن ته ان سان ٻئي ملاقات ڪجهه وقت اڳ لاهور ۾ ٿي، باجوه چيو ته مان لاهور آيو آهيان ۽ پنهنجن دوستن سان ملڻ چاهيان ٿو.
ثاقب نثار چيو ته مون عمران خان سان جنرل باجوه بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي. فيض حميد سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. جڏهن چيف جسٽس هئس ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪيسز تي فيض حميد سان ملاقاتون ٿيون ۽ بعد ۾ به فيض حميد سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.
ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته مريم نواز هاڻ مون کي بابا ڊيم چئي سڏي منهنجي توهين ڪري رهي آهي. منهنجا ٻار مون تي کلندا آهن ۽ چوندا آهن ته(ن) ليگ وارن اوهان کي ٻيهر جيئاري ڇڏيو آهي. مريم نواز سياسي فتنو چاهي ٿي هو هاڻ مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔