آءِ ايم ايف جون مشڪل شرطون: دوست ملڪن کان مدد جي درخواست کان پوءِ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد:پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض معاملي تي ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي آفيس طرفان آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان رابطن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي مشڪل شرطن تي دوست ملڪن کان مدد جي درخواست ڪئي آهي.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڳالهين ۾ وقفي کان پوءِ ناڻي وارو وزير به شريڪ ٿيو. جڏهن ته ڳالهين ۾ هلندڙ سال بيروني فنانسنگ 7 ارب ڊالر جي بجاءِ 6 ارب ڊالر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب چين کان 2 ارب ڊالر رول اوور ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون ۽ چين طرفان 80 ڪروڙ به جلد ملڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.
ذريعن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف اختياريون ترميم ٿيل ايم اي ايف تي به ڳالهيون ڪري چڪيون آهن. ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف ترميم ٿيل ايم اي ايف پي تيار ڪندا. نئين ايم اي ايف پي ۾ گردشي قرض ۾ کوٽ جو شيڊول شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ اميد ظاهر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔