عمران خان جو سڀاڻي لاهور ۾ چونڊ ريلي جي قيادت جو اعلان

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سڀاڻي لاهور ۾ چونڊ ريلي جي قيادت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڊيو لنڪ سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ظل شاهه کي شهيد ڪيو ويو، مان سندس وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڏسندو رهيس، 26 سالن جي سياست ۾ ڏکئي کان ڏکيو وقت آيو آهي، 25 مئي تي به اسان جي ڪارڪنن تي وڏو ظلم ڪيو ويو، ظل شاهه جي شهادت رڳو مون کي نه سڄي قوم کي تڪليف ڏني آهي.
هن چيو ته اهڙي شخص کي وڏو وزير بڻايو ويو، جنهن جي ذهن ۾ اسان جي خلاف زهر هو، هي جيڪي مڙهيل آهن، اسان انهن کي انسان نٿا سمجهون، اڄوڪي پريس ڪانفرنس ۾ چون ٿا ته ظل شاهه سان حادثو ٿيو، آءِ جي کي شرم اچڻ گهرجي، اسان جو ڪارڪن ماريو ويو ۽ ڪيس مون تي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔