شاهد آفريدي جو وڏي دل جو مظاهرو، ڀارتي به واهه واهه ڪرڻ لڳا!

قطر ۾ ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ (ايل ايل سي) شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن جا رٽائرڊ رانديگر شريڪ آهن.

گذريل ڏينهن دوحا ۾ پهرين ميچ ۾ ايشيا لائنز ۽ انڊيا مهاراجاز جو مقابلو ٿيو، ايشيا لائنز جي قيادت شاهد آفريدي، جڏهن ته انڊيا مهاراجاز جي قيادت گوتم گنڀير ڪئي.

اها ميچ ايشيا لائنز 19 رنسن تان کٽي ۽ مصباح الحق کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ميچ دوران عبدالرزاق جو بال گوتم گمڀير جي هيلمٽ تي لڳو ته فيلڊنگ تي موجود شاهد آفريدي ڀارتي بيٽر وٽ خيريت پڇڻ هليو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔