عمران خان لاشن جي سياست ۽ ملڪ جي تباهي چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي : سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، اهي لاشن جي سياست چاهين ٿا.

ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي خواهش ملڪ کي تباهه ڪرڻ آهي، عمران خان جي سڄي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، فيصل واوڊا چيو هو ته اهي لاشن جي سياست چاهين ٿا.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان کي ٻاهران فنڊنگ ٿي، ڀارت ۽ اسرائيل مان ماڻهو عمران خان کي فنڊ ڏيندا رهيا، عمران خان رڳو ڪرسي نٿو چاهي پر ملڪ جي تباهي چاهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان ناجائز مينڊيٽ سان حڪومت ۾ آيو، عمران خان ٿورا وساريندڙ شخص آهي، عمران خان ڪنهن ٻئي ملڪ جي چوڻ تي هلي رهيو آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين کي هاڻ شاهه محمود قريشي سان مسئلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔