آءِ ايم ايف شرطن تي عمل جاري، برآمدي شعبي ۽ هارين لاءِ بجلي تي سبسڊي ختم

اسلام آباد: حڪومت طرفان آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد جو سلسلو جاري آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) برآمدي شعبي لاءِ بجلي 12 رپيا 13 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
برآمدي شعبي ۽ هارين لاءِ بجلي تي 65 ارب رپين جي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي ۽ هارين لاءِ بجلي 3.60 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.
نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو ۽ چيو ته سبسڊي ڏيڻ ۽ ختم ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت جو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔