اٽارني جنرل جي وضاحتي خط تي سينيٽ ۾ گوڙ: رضا رباني ۽ قانون واري وزير ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد: اٽارني جنرل جي وضاحتي خط واري معاملي تان سينيٽ ۾ گوڙ ٿيو آهي، رضا رباني ۽ قانون واري وفاقي وزير وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي

 اعظم نذير تارڙ اٽارني جنرل جو خط ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته اٽارني جنرل وضاحت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ رڳو هڪڙي وزيراعظم جي ايماندار هئڻ جي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن، اهڙين خبرن جي بنياد تي ئي پارليامينٽ ۾ بحث به ڪيو ويو

رضا رباني احتجاج ڪندي چيو ته اٽارني جنرل کي ايوان جي ڪارروائي تي اثر انداز ٿيڻ جو ڪو حق نه آهي

اعظم نذير تارڙ چيو ته اٽارني جنرل حڪومت جو حصو آهي ۽ هو وضاحت پيش ڪري سگهي ٿو، اهو ڪو وڏو مسئلو نه آهي

 پي ٽي آءِ جي قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته سپريم ڪورٽ ته اهو به چيو آهي ته هيءَ پارليامينٽ اڻپوري آهي، ان جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪيو؟

هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته فوري طور چونڊون ڪرايون، عدالت جي ان حڪم تي عمل ڇو نه ٿا ڪيو؟

 شهزاد وسيم ۽ قانون واري وزير وچ ۾ به سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔