عمران خان عدليه جي گهوڙي تي سوار ٿي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کانپوءِ عمران خان هاڻي عدليه جي گهوڙي تي سوار ٿي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ن ليگ اي ڪامرس ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ قدم کنيا، قرض اسڪيم به اسان جي دور ۾ شروع ڪئي وئي، عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ڪئي، ڇا انهن ڪڏهن شاگردن کي ڪا اسڪيم ڏني آهي؟
عمران خان تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان ڪوڙو بيانيو پيش ڪيو، عمران جا پنهنجا ٻار ٻاهر ويٺا آهن ۽ هو غريبن جي ٻارن کي جيلن ۾ وڃڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي

ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان کي هن وقت ترقي جي ضرورت ناهي، عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ڀڄي ويو، عمران خان نوجوانن جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻايو، عمران خان پاڻ ته ذهني مريض آهي ۽ هاڻ قوم کي به ذهني مريض بڻائي رهيو آهي
مريم نواز چيو ته عمران خان پاڪستان جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا آهن، سائفر مامرو زمان پارڪ ۾ دفن ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔