واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ صرف 21 کان 22 سيڪڙو ميزائل رهجي ويا آهن انهن وٽ معاهدي کان سواءِ هاڻ ٻيو ڪوبه رستو نه هوندو، ايران اهي قدم کڻڻ لاءِ مجبور هوندو جنهن جو هن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.
آمريڪي نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته جنگ جي حل ۾ وقت لڳندو آهي، اهو ڪم فوري طور تي ناهي ٿيندو. صدر ٽرمپ چيو ته ايران وٽ معاهدي کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هوندو. ايران اهي قدم کڻڻ تي مجبور هوندو جنهن جو هن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. ايران جنگبندي لاءِ ڊيل تي اتفاق ناهي ڪيو.
ٽرمپ چيو ته ايران اتفاق انهي لاءِ ناهي ڪيو ڇو ته اهو طاقتور نڊر آهي، مان ڊيموڪريٽڪ هجان ها ته مون کان ڪير به نه پڇي ها ته جنگ ڪڏهن کٽي ويندي. انهي کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته منهنجي انتظاميه کي ايران جي معاملي تي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي رهي آهي.
صدر ٽرمپ چيو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا، ايران ايٽمي هٿيار رکڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. هن چيو ته آبنائي هرمز مان ڪيترائي آئل ٽينڪرز گذريا آهن، تعداد ٻڌائڻ نٿو چاهيان، آبنائي هرمز بحران حل ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳڻ گهرجي. آبنائي هرمز جي صورتحال معمول تي اچڻ کان پوءِ تيل جون قيمتون به گهٽ ٿي وينديون. صدر ٽرمپ چيو ته ممڪن آهي ته تيل جون قيمتون پهريان به گهٽ ٿي وڃن.
تبصرے بند ہیں۔