آءِ بي اي ٽيسٽ: اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف درخواست

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾2021 جي آءِ  بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن  کي آرڊرز نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي

ھارڊ ايرياز ۽ سافٽ ايرياز جي بنياد تي اميدوارن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته سکر جي بئنچ ھارڊ ايرياز جي اميدوارن کي نوڪريون نه ڏيڻ لاءِ اسٽي جاري ڪيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سميت سمورين درخواستن کي  گڏ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سمورين درخواستن کي ٻڌي فيصلو جاري ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔