…. ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ بعد اباڻن ڪکن ڏانهن ويندڙ ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن سان خوفناڪ حادثو، نوري آباد ڀرسان مسافر ڪوچ کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 16 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا
پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن باهه تي ضابطو آڻي ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪي اين شاهه واسي ڪراچي کان پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا، ڪوچ ۾ مغيري برادري جا 60 کان 70 ماڻهو سوار هئا
زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي، پوليس طرفان فوتين جي تعداد ۾ واڌ جو خدشو ظاهر، ڪي اين شاهه ٻڏڻ بعد هزارين خاندان حيدرآباد ۽ ڪراچي سوڌو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا هئا