گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فني خرابي سبب سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون

ڪراچي:گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فني  خرابي سبب سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿي ويو آھي،  پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿي ويا آھن

ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل، ملتان، ڪوٽ ادو، فيصل آباد سميت پنجاب جي مخلتف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آھي

بلوچستان جي علائقي ڊيرا الهيار، ڊيرا مراد جمالي ۽ ٻين علائقن جي به بجلي بند ٿي وئي آھي،  انتظاميا جو چوڻ آهي ته فني خرابي کانپوءِ بجلي جي بحالي لاءِ آپريشن جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔