والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم

ڪراچي :وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ملڪ جي 3 ڪروڙ عوام کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي وڏو چئلنج آهي،  موسمياتي تبديلين پاڪستان کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي

قازقستان جي راڄڌاني آستانه ۾ سيڪا سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته گلوبل وارمنگ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرز جو نقصان رسيو آهي، ڀارت سان پر امن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون

وزير اعظم شھباز شريف چيو ته با مقصد ڳالهين جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان کي افغان صورتحال سبب گهڻو نقصان ڀوڳڻو پيو،

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ اڄ به 40 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ ترسيل آهن، ڀارت ڪشميرين کي حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي  بربريت ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔