پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي گرفتار، جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ذريعن موجب اعظم سواتي کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز پاران رات دير سان حراست ۾ ورتو ويو آھي

فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آھي، ايف آءِ اي هٿان گرفتار سينيٽر اعظم سواتي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو

 اعظم سواتي جي وڪيل طرفان پي ٽي آءِ سينيٽر تي تشدد جو الزام ھنيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ گرفتار ٿيل اعظم سواتي چيو آهي ته کيس هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، مون تي تشدد ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔