ڀارتي اداڪار سلمان خان مٿان حملي جي سازش ناڪام، 2 دهشتگرد گرفتار

نئين دهلي: ڀارت جي مشهور اداڪار سلمان خان مٿان قاتلاڻي حملي جي سازش کي ناڪام بڻايو ويو آهي. حملي آور 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب گرفتار دهشتگردن انڪشاف ڪيو آهي ته کين سلمان خان کي قتل ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي ۽ اسان ڏهاڙي تي قتل ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهيون.
جاچ پوليس موجب ڪينڊا ۾ رهندڙ ڀارتي گينگسٽر لارنس ۽ جگو بهگونپوريه طرفان 3 ڀاڙي جي قاتلن کي سلمان خان کي قتل ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي جنهن ۾ گرفتار نوجوان سميت ديپڪ سور ڪپور ۽ منودگر شامل آهن.
جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو ان کان علاوه به ڪيترين ئي ڏوهارين سرگرمين ۾ ملوث رهيا آهن. ياد رهي ته 3 مهينا اڳ قتل ٿيندڙ ڀارتي گلوڪار سدهو موسي والا کي قتل ڪرڻ جي ذميواري به لارنس بشنوئي گروپ قبول ڪئي هئي ۽ هاڻ ساڳئي گروپ سلمان خان کي قتل ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔