نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي 12 آڪٽوبر تي پاڪستان جي دوري تي پهچندي

اسلام آباد: نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي 12 آڪٽوبرتي پاڪستان جي دوري لاءِ پهچي رهي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سنڌ جي گهرو وزارت ملالا يوسفزئي جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پوليس جا خاص يونٽ قدم کڻي رهيا آهن.
ملالا يوسفزئي پرڏيهي ملڪ کان ڪراچي پهچندي جتي کيس سخت حفاظتي انتظام تحت دادو ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو دورو ڪرايو ويندو.
ملالا يوسفزئي امڪاني طور تي ملالا فنڊ مان به ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندي. ملالا جي پاڪستان پهچڻ جي موقعي تي ايس او پيز تحت فول پروف سيڪيورٽي جي انتظامن کي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته سوات ۾ سال 2015 ۾ طالبان طرفان حملي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ ملالا يوسفزئي پرڏيهه هلي وئي هئي جنهن کان پوءِ هو ٻيون ڀيرو پاڪستان اچي رهي آهي.
ملالا فنڊ اڳ ئي انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي کي هنگامي امدادي گرانٽ جاري ڪري چڪو آهي. ان گرانٽ مان آءِ آر سي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇوڪرين کي نفسياتي مدد ڏيندو اها هنگامي امداد تعليمي خدمتن تي به خرچ ڪئي ويندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته ڇوڪريون پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن جڏهن ته ڇوڪرين جي 10 سرڪاري اسڪولن جي تباهه ٿيل عمارتن جي مرمت ۽ بحالي به ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔