آمريڪا ڊرون حملن جي حوالي سان پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا ڊرون حملن جي پاليسي ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. وائٽ هائوس ڊرون حملن بابت قانون کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ڪنهن دهشتگرد کي نشانو بنائڻ لاءِ آمريڪي صدر جي منظوري جي ضرورت هوندي. اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ جي دور ۾ دهشتگردن کي نشانو بنائڻ جي لاءِ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويا هئا.
صدر جوبائيڊن ڊگهي انتظار کان پوءِ ڳجهي پاليسي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن ۾ سي آءِ اي ۽ پينٽاگون جي لاءِ روايتي جنگي علائقن کان ٻاهر ڪيل ڊرون حملن ۽ ڪمانڊوز ڇاپن لاءِ قانون کي سخت ڪيو ويو آهي.
آمريڪا طرفان صرف عراق ۽ شام کي روايتي جنگي علائقن جي طور تي سمجهيو ويندو آهي. نئين پاليسي ۾ صوماليه، يمن ۽ هاڻ افغانستان جهڙا ملڪ ايندا جتي آمريڪا جا دهشتگردي خلاف حملا جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔