لانگ مارچ جو اعلان ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو: شاهه محمود قريشي

ملتان: اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هيلٿ انصاف ڪارڊ تي به سياست ڪئي وئي ۽ ان کي روڪيو ويو. لانگ مارچ جو اعلان ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو.
تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هيلٿ انصاف ڪارڊ انقلابي قدم هو پر ان تي به سياست ڪئي وئي ۽ غريب عوام کان اها سهوليت کسي وئي. هن چيو ته مريض سياسي ناهي هوندو پر ذميوار ماڻهن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. اميد آهي ته هيلٿ ڪارڊ تي وفاقي حڪومت نظرثاني جو مظاهرو ڪندي.
شاهه محمود قريشي چيو ته مريضن جو سرڪاري اسپتالن تي تمام گهڻو رش هو، جيڪڏهن اسپتالون نيون تعمير ٿينديون ته دٻاءُ گهٽ ٿيندو. صحت ڪارڊ مان 10 لک روپين تائين علاج جي سهوليت ملي رهي آهي. ننڍن شهرن ۾ نوان اسپتال ٺاهيا پيا وڃن.
هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُالله اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو، وفاقي حڪومت کي همٿ کان ڪم وٺڻ گهرجي. گهبرائڻ نه گهرجي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته حامد زمان کي حڪومت گرفتار ڪيو ۽ اسان جي ٻين ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. يوسف رضا گيلاني واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ بند ڪري هو هن حڪومت جو حصو آهي. اسيمبلين جو هڪ سال وڌائڻ جي ڳالهه ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔