عمران خان دنيا جو سڀني کان وڏو ڪوڙو انسان آهي، هن پاڪستاني قوم خلاف سازش ڪئي: شهباز شريف

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ فراڊ ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ انسان آهي جنهن قوم خلاف سازش ڪئي جنهن جي آڊيو پڻ اچي چڪي آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان عدالتن ۽ قانون جو احترام ڪندڙ ماڻهو آهيون ۽ مان اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان. نوازشريف به روزاني عدالت ۾ پيش ٿيندو هو. هن ڪڏهن به اين آر او نه گهريو هو. منهنجي پارٽي جي دوستن به جيلن ۾ سزائون ڪاٽيون آهن. هن چيو ته بقول عمران نيازي مريم نواز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان اين آر او مليو آهي. ان کان وڌيڪ ڪريل حرڪت ٻئي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
نوازشريف، مريم نواز کي نيب ترميم تحت بريت ناهي ملي. مون ۽ اسان جي پارٽي جي دوستن جيلن جون سختون برداشت ڪيون. عليمه خان ۽ فرح گوگي کي اين آر او مون ته نه ڏياريو. عمران خان جي دور ۾ عليمه خان ۽ فرح گوگي کي اين آر او مليو.
وزيراعظم چيو ته عمران نيازي هاڻ اوهان کي قوم کي جواب ڏيڻو آهي. اوهان قوم خلاف سازشون ڪيون. اوهان وزيراعظم هو اوهان وٽ پنج اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڪٿان کان آيا، عمران نيازي اوهان ڪوئلي جي دلالي ۾ پنهنجو منهن ڪارو ڪيو، ڪاش مون کي اهي سخت لفظ هنن ڏينهن ۾ نه چوڻا پون ها پر ڇا ڪريان مون کي تمام گهڻي تڪليف پهتي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جي سياسي سرمائيڪاري پاڪستان تي هڪ ڀيرو نه پر ڪروڙين ڀيرا قربان، اسان اتحادين جي مدد سان ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو. جڏهن حڪومت سنڀالي ته معيشت جي ٻيڙي ٻڏي رهي هئي.
هن چيو ته عمران خان ايڏا وڏا فتوا ڏنا پر هو پاڻ ماڻهن جا ضمير خريد ڪري رهيو آهي. عمران نيازي هاڻ پاڻ ضمير فروشي کي مڃي رهيو آهي. ڇا عمران نيازي کي ڪنهن عدالت طلب ڪيو آهي؟ وزيراعظم هجي يا گورنر، ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي، نوازشريف هر پيشي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي. نوازشريف، مريم نواز، حمزه شهباز اسان سڀني بدترين ظلم برداشت ڪيو.
شهباز شريف چيو ته 190 ملين پائونڊ جي ڌاڙي جو ان وقت جي نيب چيئرمين نوٽيس ڇو نه ورتو؟ اڄ ڪهڙي منهن سان عمران نيازي اين آر او جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي؟ عمران خان دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ فراڊ ڪندڙ شخص آهي. قوم خلاف عمران خان جيڪا سازش ڪئي ان جي آڊيو اچي چڪي آهي آڊيو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته عمران خان چئي رهيو آهي ته آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو. بس کيڏندا رهو، عمران نيازي اوهان جو ڊرامو ۽ اوهان جو ڪوڙ عوام آڏو ظاهر ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔