پاڪ آرمي ٻوڏ سٽلين جي مدد لاءِ ڊونيشن اڪائونٽ قائم ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: وفاقي سرڪار کانپوءِ پاڪستان آرمي به ٻوڏ سٽلين جي مدد لاءِ فلڊ رليف ڊونيشن اڪائونٽ قائم ڪري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ٻوڏ سٽلين جي مدد لاءِ عطيو عسڪري بينڪ جي اڪائونٽ نمبر 00280100620583 ۾ جمع ڪرائي سگھجي ٿو، اڪائونٽ جو ٽائٽل ”ٻوڏ متاثرن لاءِ آرمي رليف“ رکيو ويو آهي.

ان کان اڳ ٻوڏ سٽلين جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي نالي تي غلط اڪائونٽ بابت خبر گردش هيٺ هيون جنهن تي آءِ ايس پي آر هڪ وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو هو ته ٻوڏ سٽلين جي مدد لاءِ اسان جو ڪو اڪائونٽ ناهي، عوام ٻوڏ سان متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ امدادي رقم پاڪستان حڪومت جي  ڄاڻايل اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات نوشهرا ۾ ٻوڏ سان متاثر علائقن جو دورو ڪري فوجي جوان ۽ آفيسرن کي سول انتظاميا سان گڏجي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ سمورا قدم کڻڻ جي هدايت به ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر پشاور متاثر آبادي جي مدد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔