توهين عدلت ڪيس: عمران خان خلاف چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربرهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله لارجر بئنچ جي سربراهي ڪندو جڏهن ته جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري پڻ بئنچ جو حصو آهن.

ان کان اڳ جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ ٽي رڪني لارجر بئنچ عمران خان بابت توهين عدالت ڪيس جي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي هئي.

ٽي رڪني لارجر بئنچ عمران خان کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو ۽ لارجر بئنچ ۾ وڌيڪ ججن کي شامل ڪرڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو ويو هو.

ياد رهي ته جسٽس اطهر من الله موڪلن تي ويل هو سندس جڳهه تي جسٽس عامر فاروق وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون ذميواريون نڀائي رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔