سنڌو سميت دريائي وهڪرن ۾ واڌ، انتهائي وڏي ٻوڏ جي وارننگ

سکر: سنڌو سميت دريائي وهڪرن ۾ واڌ سبب انتهائي وڏي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.  ڊزاسسٽر مئنجمنٽ اسلام آباد ھاءِ  فلڊ ( انتهائي وڏي)ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي ڪابل ندي تربيلا کان وڌيڪ ساڍا 5لک کان7 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان ڏيکاريو آھي وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ سکر خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن جي بندن تي دٻاءُ  وڌي ويندو .

پاڪستان ڊزاسسٽر مئنجمنٽ اسلام آباد طرفان نئين وارننگ جاري ڪندي وڌيڪ ساڍا پنج لک کان  7لک ڪيوسڪ پاڻي ڪابل ندي  تربيلا کان 28آگسٽ  12وڳي تائين ڪالا باغ بئراج چشما بئراج کان سنڌو درياھ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو آھي جنھن سان سنڌ درياھ ۾ وڏي کان وڏي ٻوڏ جا امڪان ڏيکاريا آھن.

جيڪو نئون پاڻي 2کان 3 سيپٽمبر تي سکر بئراج وٽ پھچندو. جتي وڏي کان وڏي ٻوڏ ٿيڻ جا امڪان ڏيکاريا ويا آھن جڏھن ته ھن وقت گڊو بئراج وٽان 5لک5ھزار48ڪيوسڪ سکر بئراج وٽان 5لک76ھزار414ڪيوسڪ پاڻي  گذري رھيو آھي.

جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ 3 لک10ھزار 286ڪيوسڪ  چشما بئراج وٽ 3لک45ھزار484ڪيوسڪ تونسا بئراج وٽ 5لک13ھزار863ڪيوسڪ ڪالا باغ بئراج وٽ 2لک86ھزار353ڪيوسڪ  ڪابل ندي ۾ پاڻي جي سطح 1لک 53ھزار 500سئو ڪيوسڪ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 4,لک 2ھزار ۽ اخراج 4لک 19ھزار ڪيوسڪ پاڻي آھي. چشما بئراج وٽ وهڪرا ساڍا 7 لک ڪيوسڪ ٿيڻ سان انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ ايندي.

وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته تربيلا ۽ ڪالاغ وٽان وڌيڪ پاڻي اچڻ سبب چشما بئراج وٽ سڀاڻي انتهائي درجي جي ٻوڏ ايندي.سوات ندي ۾ تيزي سان چاڙهه بعد 2 لک 27 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪابل نديءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي، وهڪرن ۾ چاڙهه بعد سنڌو درياهه منڇر مان پاڻيءَ جو ڇوڙ بند ڪري ڇڏيو.ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند کان پاڻي جي آمد جاري رهڻ سبب منڇر تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔