شعيب ملڪ ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪي پي ايل جي ٻئين سيزن ۾ ميرپور رائلز کي بنا مقابلي فاتح قرار ڏنو ويو، ميرپور رائلز ۽ باغ اسٽاليئنز جو فائنل برسات جي ور چڙهي ويو جنهن بعد ميرپور رائلز کي ليگ مرحلي ۾ ٽيبل تي وڌيڪ پوائنٽن جي بنياد تي چيمپيئن قرار ڏنو ويو .

ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب شعيب ملڪ کي مين آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو جنهن بعد هن ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو آهي ته هو اها رقم ٻوڏ سٽيلن کي ڏيندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شعيب ملڪ  لکيو ته هو مين آف دي ٽورنامينٽ ۽ هڪ وڌيڪ ٽرافي حاصل ڪرڻ تي خوش آهي، جڏهن ته مان اهو ايوارڊ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي نالي ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان کي هر شئي کان مٿانهون ٿي قوم طور گڏ ٿيڻ گهرجي

اڳوڻي ڪپتان لکيو ته مان ٽورنامنيٽ جي کٽيل انعامي رقم ٻوڏ متاثرن کي عطيو ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔