حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، چونڊن جي تاريخ ملڻ بنا عمران خان ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪندو

 اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مونکي هلندڙ سال چونڊون ٿيندي نظر اچن ٿيون، حڪومت ووٽرز لسٽن ۽ تڪبندين ۾ مرضيءَ جون تبديليون ڪري رهي آهي، عمران خان بجيٽ کانپوءِ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو

ٻئي طرف هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ مختلف ڪيسز ۾ شيخ رشيد جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، کيس هڪ لک رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔