جوني ڊيپ کان شڪست بعد امبر هرڊ کي شادي جي آڇ ٿي وئي

لاس اينجلس : هالي ووڊ اداڪارا امبر هرڊ کي سعودي عرب جي هڪ شخص شادي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. تازو امبر هرڊ مڙس جوني ڊيپ خلاف ڪيس هارايو آهي جنهن کانپوءِ هو مسئلن جو شڪار آهي ۽ هاڻي سعودي عرب جي هڪ شخص سندس سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي

سوشل ميڊيا تي وائرل وائيس نوٽ ۾ سعودي عرب جو شخص امبر کي چوي ٿو ته تنهنجي لاءِ ڀلي سڀ در بند ٿي وڃن پر منهنجو در تنهنجي لاءِ کليل آهي، هاڻي تو وٽ مون کانسواءِ ڪير ناهي جيڪو تنهنجو خيال رکي

 همراهه وڌيڪ چوي ٿو ته مون ڏٺو آهي ته ڪجهه ماڻهو اوهان کان نفرت ڪن ٿا بدتميزي ڪن ٿا، ان لاءِ مان اوهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، الله اسان ٻنهي کي خوش رکي. همراهه جو چوڻ ته تنهنجي اڳوڻي پوڙهي شخص کان ته آئون ڀلو آهيان، تون نعمت آهين پر تنهنجو قدر ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔