سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت جي درخواست تي دعا زهريٰ کي اڄ ئي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: چشتيان مان حراست ۾ ورتل دعا زھرا ۽ ان جي مڙس ظھير کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ دعا کي اڄ ئي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آھي

پوليس عملدارن موجب دعا زھرا کي وومين پوليس جي حوالي ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ دعا زھرا جي مڙس ظھير کي اي وي سي سي جي حفاظتي تحويل ۾ رکيو ويو آھي

پوليس  عملدارن موجب دعا زھرا ۽ ان جي مڙس کي عدالت ۾ اڄ ئي پيش ڪيو ويندو، جڏھن تھ دعا زھرا جا والدين بھ ڌيءَ جي امڪاني پيشي کي نظر۾ رکندي عدالت پھچي ويا آھن

سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت جي درخواست تي دعا زهريٰ کي اڄ ئي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته دعا زهريٰ بازياب ٿي وئي آهي، کيس بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرون ٿا

 عدالت دعا زهريٰ کي اڄ ئي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي، ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ  ۽ سندس مڙس کي گذريل ڏينهن پنجاب جي علائقي بهاول نگر مان بازياب ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔