وزيراعظم جي ھدايتن باوجود سنڌ ۾ بجلي جي بندش جاري، شھري پريشان

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف جون هدايتون ۽ وارننگز به ڪم نه آيون، سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي جي بندش جاري آھي

 صدر، ڪورنگي، لانڍي، ملير، قائد آباد، ماروي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ 10-10 ڪلاڪ بجلي غائب رھڻ لڳي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوشيڊنگ جاري آھي

 ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي، شھرين موجب ھڪ تھ مھانگائي وڌي وئي آھي، سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪري گھر اچ تھ سڄي سڄي رات بجلي ڪونھي، شھباز شريف جي حڪومت تھ جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آھي

وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پاور ڊويزن سوڌو لاڳاپيل اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوشيڊنگ برداشت نه ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔