قومي اسٽريٽيجڪ پروگرام تي بي بنياد تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي: پاڪ فوج

اسلام آباد: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل نديم رضا چيو آهي ته قومي اسٽريٽيجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي، سول ۽ فوجي قيادت اسٽريٽيجڪ پروگرام سان گڏ شيهي جي ڀِت جيان بيٺل آهي

جنرل نديم رضا چيو ته  ايٽمي پروگرام ملڪي دفاع ۽ سلامتي جو ضامن آهي، هن پروگرام کي عوام ۽ سياسي پارٽيز جي حمايت حاصل آهي

هن چيو ته  پاڪستان پنهنجي ائٽمي پروگرام تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستان هڪ ذميوار ۽ پُراعتماد نيوڪليئر ملڪ آهي، نيوڪليئر ملڪن ۾ لاڳو طريقيڪار موجب رڳو نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ئي اسٽريٽيجڪ پروگرام تي تبصرو يا راءِ ڏئي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔