پاڻ کي نيوٽرل چوندڙ ادارا ڪرپٽ حڪومت سان گڏ آهن: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تاثر آهي ته پاڻ کي نيوٽرل چوڻ وارا ادار ڪرپٽ حڪومت سان گڏ آهن، سياسي جدوجهد ۾ ها نه مڃڻ اهم هوندو آهي، پاڻ پنهنجي ذات لاءِ نه پر پاڪستان کي بچائڻ لاءِ جهاد ڪري رهيو آهيان
عمران خان چيو ته عوام ۾ غصي جي لهر ڇانيل آهي، ٻاهرين قوتن جي سازش تحت اقتدار ۾ آيل جماعتون تباهه ٿي وينديون پر ان جو اثر ادارن تي پوندو، منهنجي خيال ۾ اهڙي صورتحال وڌيڪ عرصو نه هلي سگهندي

پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت هاڻي کان ئي ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو منصوبو جوڙي رهي آهي، موجوده حڪمران ڌانڌلي وارو سسٽم قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جئين هو ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سگهن

عمران خان چيو ته اسان ملڪ اندر تشدد ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون، موجوده حڪومت پنجاب ۾ ڏوهن ۾ ملوث آفيسرن کي وڏن عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان مان مورثي سياست جو خاتمو چاهيون ٿا، گذرل 60 سالن کان ملڪ اندر ٻن خاندانن جي حڪومت رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي واضع هدايتن کانپوءِ لانگ مارچ جي منصوبابندي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔