ايندڙ بجيٽ ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن مٿان نه پر اشرافيه تي ٽيڪس لڳندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽر ٿيڻ کان بچايو آهي، بجيٽ ۾ نوڪريون ڪندڙ طبقي تي ٽيڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته حڪومت نقصان ڀرڻ لاءِ پئسا ناهن.
ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته دفاعي بجيٽ معمول مطابق وڌندي ۽ آمدني جي حساب سان ٽيڪس لڳايو ويندو، هن ڀيري بجيٽ ۾ نوڪريون ڪندڙ طبقي کي ٽيڪس کان آجو رکي اشرافيه مٿان ٽيڪس هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔