سنڌ طاس معاهدو: انڊيا ۽ پاڪستان چاهين به ته معاهدو ختم نٿا ڪري سگهن

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدي تحت لازمي قرار ڏنل مستقل انڊس ڪميشن (پي آءِ سي) جو اجلاس گذريل هفتي دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي انڊس واٽر ڪمشنرن شرڪت ڪئي، گذريل 62 سالن ۾ انڊس ڪميشن جو هي 118 هون اجلاس هو، ان کان اڳ اجلاس مارچ 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيو هو

هندستان ۽ پاڪستان جي نمائندن جي وچ ۾ سالن جي ڳالهين کانپوءِ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو سيپٽمبر 1960 ۾ ورلڊ بئنڪ جي سرپرستي هيٺ عمل ۾ آيو هو

ان معاهدي تي هندستان جي ان وقت جي وزيراعظم جواهر لعل نهرو ۽ پاڪستان جي ان وقت جي سربراهه جنرل ايوب خان ڪراچي ۾ صحيحون ڪيون هيون، اِها اميد ظاهر ڪئي وئي هئي ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي هارين جي خوشحالي، امن، خير سگالي ۽ دوستي جي ضمانت ڏيندو

هن درياهه جي حصيداري جو معاهدو ڪيترن ئي جنگين، اختلافن ۽ تڪرارن باوجود 62 سالن کان قائم آهي، ڀارت جي اڳوڻي آبي وسيلن واري وزير سيف الدين سوز جو چوڻ آهي ته اهو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل سڀ کان ڪامياب ۽ اثرائتو معاهدو آهي

سنڌ طاس معاهدي تحت الهندي درياهه سنڌ، جهلم ۽ چناب پاڪستان کي ڏنو ويو، ان تحت پاڪستان کي انهن دريائن جي 80 سيڪڙو پاڻي تي حق حاصل آهي

هندستان کي انهن درياهن جي پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو حق آهي پر ان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ يا ان جي وهڪري کي گهٽائڻ جو حق ناهي، اڀرندي دريائن راوي، بياس ۽ ستلج جو ڪنٽرول هندستان جي حوالي ٿيل آهي، ڀارت کي دريائن تي منصوبا وغيره ٺاهڻ جو حق آهي جنهن تي پاڪستان اعتراض نٿو ڪري سگهي

هن ڪميشن جا وفد بار بار هندستان ۾ ۽ هڪ ڀيرو پاڪستان ۾ ملندا آهن، گڏجاڻين ۾ سرڪاري آفيسرن کانسواءِ انجنيئرز ۽ ٽيڪنيشنز به شرڪت ڪندا آهن، گڏجاڻين ۾ اهم موضوعن تي بحث ٿيندا آهن، جهڙوڪ ٻوڏ جا انگ اکر، منصوبن جا تفصيل، پاڻي جي وهڪرن ۽ برسات جي صورتحال اهم موضوع هوندو آهي

گارگي پرسائي هندستان ۾ هڪ سينئر صحافي آهي ۽ سالن کان سنڌ طاس معاهدي جي گڏجاڻين کي ڏسندي رهي آهي، “ان جي گڏجاڻين ۾ انجنيئرز ۽ ٽيڪنيشنز شرڪت ڪندا آهن، ۽ تڪراري منصوبن ۽ مسئلن تي ٽيڪنيڪل سطح تي بحث ڪيو ويندو آهي،” هوءَ چوي ٿي ته  جيڪڏهن ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون نه ٿيون ۽ هر معاملي ۾ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو ته پوءِ ڪيترائي معاملا سياسي رنگ وٺي ويندا

معاهدي ۾ مشڪلاتون تڏهن شروع ٿيون جڏهن هندستان اولهه دريائن تي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ٺاهڻ شروع ڪيا، پاڪستان کي خدشو هو ته اهي منصوبا پاڻي وهڪرن کي گهٽائي ڇڏيندا

ٻنهي ملڪن جي ماهرن 1978ع ۾ سلال ڊيم جو تڪرار حل ڪيو. ان کانپوءِ بگليهار ڊيم جو معاملو آيو، اهو معاملو 2007 ۾ ورلڊ بئنڪ پاران مقرر ڪيل غير جانبدار ثالثي جي مدد سان حل ڪيو ويو، ڪشن گنگا پراجيڪٽ به تڪراري منصوبو هو، معاملو عالمي ثالثي ڪورٽ تائين پهتو، اهو فيصلو 2013 ۾ ڪيو ويو، سنڌ ڪميشن جي اجلاسن انهن تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي

ڪجهه ماهرن جي راءِ آهي ته انهن منصوبن بابت پاڪستان جا ڪجهه خدشا جائز آهن ۽ ڪجهه منصوبن تي پاڪستان رڳو اختلاف رکي پنهنجو داخلي حق ادا ڪري ٿو

موسمياتي تبديلين ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري لاڳاپن ٻنهي ملڪن ۾ ”آبي نيشنلزم“ کي جنم ڏنو آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه گروهه ڀارت تي الزام لڳائي رهيا آهن ته هو سنڌ جي پاڻي جي وهڪري کي گهٽائي پاڪستان ۾ ڏڪار آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، انڊس واٽر ٽريٽي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي

گارگي پرسائي جو چوڻ آهي ته ”ڪيترائي ماڻهو جيڪي اڻڄاڻ آهن اهي سمجهن ٿا ته انهن دريائن جو 80 سيڪڙو پاڻي پاڪستان ڏانهن وڃي ٿو ان ڪري اهو معاهدو ڀارت جي حق ۾ ناهي، ان کي رد ڪيو وڃي يا ڪو نئون معاهدو ڪيو وڃي، اهو معاهدو وڏي سوچ ويچار سان ڪيو ويو هو

گارگي پرسائي موجب دريائن جي ورهاڱي، انهن جي هائيڊرولاجي، انهن جي وهڪري، اهي ڪٿي وڃي رهيا آهن، انهن ۾ ڪيترو پاڻي آهي، اهو معاهدو انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو، اسان پاڪستان ڏانهن وهندڙ دريائن جو رخ چاهيندي به پاڻ ڏانهن نٿا ڪري سگهون،ڇاڪاڻ ته دريائن جو ڇوڙ پاڪستان ڏانهن ئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔