اسلام آباد: پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان ايندڙ بجيٽ جي لاءِ ٽيڪس پاليسي، بجيٽ سازي، پبلڪ فنانس مينجمينٽ ۾ تبديلي تي اتفاق ٿي ويو.
ذريعن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ تجويزن تي ٽيڪنيڪل رپورٽ جنوري ۾ ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ويندي. وفد بجيٽ ۾ اهم تبديليون ڪرڻ جي تجويز ڏئي آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪل وفد واپس روانو ٿي ويو.
بجيٽ جي تياري لاءِ مڪمل اي آفيس، اي پيڊز جو استعمال ڪرڻ، ڊيٽا مان تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون شامل آهن. نئين ڊيٽا جي بنياد تي بجيٽ سازي، بجيٽ تياري ۾ سمورين وزارتن سان مشاورت جو عمل وڌائڻ به شامل آهي. ايندڙ نئين بجيٽ لاءِ ٽيڪس پاليسي تي به ٽيڪنيڪل مشن اهم تبديلين لاءِ تجويز تي غور ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔