ڪراچي: ڊجيٽل ڪرنسي بٽ ڪوئن ست مهينن جي هيٺين سطح تي اچي ويو، ۽ اهو هاڻي 80 هزار ڊالر جي حد جي ويجهو آهي، جنهن کان هيٺ وڃڻ کي ڪجهه ماهر “گهڻو وڌيڪ وڏو نقصان” قرار ڏئي رهيا آهن. رائٽرز جي رپورٽ موجب جمعي تي بٽ ڪوئن80,553 ڊالر تائين ڪري پيو، ۽ Ether به چار مهينن جي هيٺين سطح تي پهچي ويو، ڇو ته ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي خطري وارن اثاثن مان نڪري وڃڻ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي. اهو سڀ ڪجهه سيڙپڪارن جي پريشاني سبب ٿيو، جيڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي وڌيل قيمتن ۽ آمريڪا ۾ ويجهڙائي واري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي بعد غير يقيني سبب پريشان هئا. ڪرپٽو ڪرنسين کي اڪثر خطري جي رغبت جو پيمانو سمجھيو ويندو آهي، ۽ انهن جي قيمتن ۾ هيٺاهين مارڪيٽن جي نازڪ موڊ کي ظاهر ڪري ٿي، جتي تيزيءَ سان بلند ٿيندڙ AI اسٽاڪس ڪري پيا آهن ۽ مارڪيٽ ۾ غيريقيني صورتحال (VIX) وڌي رهي آهي. Bitcoin هن هفتي ۾ 12 سيڪڙو هيٺ آيو آهي. هي گهٽتائي ان جي هن سال جي شاندار وڌندڙ رفتار کان پوءِ آئي آهي، جنهن هن کي آڪٽوبر ۾ 120,000 ڊالر کان مٿي تاريخي سطح تي پهچايو هو، جيڪا دنيا ڀر ۾ ڪرپٽو اثاثن لاءِ سازگار قانوني تبديلين کانپوءِ ٿي. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني جي رڪارڊ هڪ ڏينهن واري شديد ڪريش، جنهن ۾ 19 ارب ڊالر کان وڌيڪ پوزيشون ختم ٿي ويون ــ اڃا تائين مارڪيٽ تي اثرانداز آهي. جڏهن Bitcoin گذريل هفتي هڪ لک ڊالر جي سطح کان هيٺ ويو ۽ جمعي تي 80,000 ڊالر جي حد ڏانهن وڌيو، ته ڪجهه ماهرن چيو ته اهو انهن قيمتن جي ويجهو پهچي رهيو آهي، جن تي اوسط ڪارپوريٽ ۽ اداري جا سيڙپڪارن Bitcoin خريد ڪيو هو، ۽ هاڻي ممڪن آهي ته اهي نقصان کان بچڻ لاءِ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿين. Bitcoin هن سال جا سمورا فائدا وڃائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي سال جي حساب سان 12سيڪڙو هيٺ آهي، جڏهن ته Ether لڳ ڀڳ 19سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.IG جي مارڪيٽ اينالسٽ ٽوني سائيڪمور Bitcoin جي ڪريش بابت چيو: “جيڪڏهن Bitcoin مجموعي خطري واري احساس بابت ڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي، ته شيون واقعي تمام خراب ٿي سگهن ٿيون، ۽ هاڻي اها اصل پريشاني آهي.” جمعي واري وڏي گهٽتائي، انهن “ڪرپٽو ٽريزري” ڪمپنين لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪي هن سال وڏي پئماني تي Bitcoin ۽ ٻين ڪرپٽو ڪرنسين جون خريداريون ڪري رهيون هيون. اهي ڪمپنيون Bitcoin پنهنجي بيلنس شيٽ تي رکن ٿيون، ان اميد تي ته قيمت وڌندي. Standard Chartered جو اندازو آهي ته Bitcoin جي قيمت 90,000 ڊالر کان هيٺ وڃڻ سان انهن مان اڌ ڪمپنين جون هولڊنگون “ٻڏي” سگهن ٿيون. يعني انهن اثاثن جي قيمت خريد ڪيل قيمت کان گهٽ ٿي ويندي. ماهر چون ٿا ته انهن ڪمپنين کي يا ته وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻي پوندي يا پنهنجا Bitcoin وڪڻڻا پوندا، جنهن سان قيمتن تي وڌيڪ دٻاءُ پئجي سگهي ٿو. اسٽينڊرڊ چارٽرڊ موجب، لسٽ ڪيل ڪمپنيون گڏجي گردش ۾ موجود Bitcoin جو 4سيڪڙو رکن ٿيون، ۽ Ether جو 3.1سيڪڙو انهن وٽ آهي. Spectra Markets جي صدر برِينٽ ڊينلي چيو: “Bitcoin ٽريزري ڪمپنين جو چڪر وارو رويو هاڻي مڪمل طور نظر اچي رهيو آهي. اهي قيمت مٿي هجي ته خريدن ٿا، ۽ هاڻي ڪجهه انهن مان گهٽ قيمت تي وڪرو ڪري رهيا آهن.” Citi جي اينالسٽ ايلڪس سانڊرز چيو ته 80,000 ڊالر هڪ اهم سطح آهي، ڇاڪاڻ ته اها ETFs ۾ رکيل Bitcoin جي اوسط خريد قيمت جي ويجهو آهي.CoinGecko جي مطابق، گذريل ڇهن هفتن ۾ سڀني ڪرپٽو ڪرنسين جي گڏيل مارڪيٽ ويليو مان 1.2 ٽريلين ڊالر ختم ٿي چڪا آهن. Bitcoin خريد ڪندڙ ڪمپنين جا شيئر هن سال جي شروع ۾ تيزي سان وڌيا هئا، پر گذريل مهينن ۾ سخت ڪري پيا آهن. سڀ کان وڏي ٽريزري ڪمپني MicroStrategy جا شيئر جولاءِ جي چوٽي کان 61 سيڪڙو ڪري پيا آهن، ۽ هاڻي سال جي حساب سان لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو هيٺ آهن.
تبصرے بند ہیں۔