بلال مقصود يونيسيف جي سهڪار سان پڪا دوست – سيزن ’ننڍپڻ بيمثال‘ جاري ڪري ڇڏيو
ٻارن جي تقريب ۾ اداڪاره صنم سعيد، بلال مقصود، اياز خان ۽ فلم ڊائريڪٽر عمر عادل ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا
ڪراچي :ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ناليواري گلوڪار بلال مقصود يونيسيف جي سهڪار سان آغا خان يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو. ٽيليويزن ۽ فلمن جي مشهور اداڪاره صنم سعيد ڪمپئرنگ جا فرض بهترين انداز ۾ نڀايا. بلال مقصود، فلم ڊائريڪٽر بينش ۽ عمر عادل سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي بلال مقصود چيو ته هو نئين نسل لاءِ اردو ٻوليءَ کي ٻيهر ڪول ۽ پرڪشش بڻائڻ چاهين ٿا. اسڪولن ۾ سڀ کان وڌيڪ بورنگ ڪلاس اردو جو هوندو آهي. پڪا دوست – سيزن ننڍپڻ بيمثال ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ٻارن کي ڏيکاريو پيو وڃي، ۽ اميد آهي ته يونيسيف سان گڏ هي منصوبو ٻارن کي تفريح سان گڏ تعليم ۽ آگاهي به فراهم ڪندو.
ان موقعي تي اداڪاره صنم سعيد چيو ته ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کان اڳ گهر ۾ سندن تربيت ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته پهريان پنج سال تمام اهم هوندا آهن. پڪا دوست – سيزن ننڍپڻ بيمثال ان سلسلي ۾ اهم رهنمائي مهيا ڪري ٿو.
پڪا دوست جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر بينش ۽ عمر عادل ٻڌايو ته دنيا جي مختلف هنڌن کان پڪا دوست کي شاندار موٽ ملي رهي آهي. موجوده دور ۾ ٻارن جي پروگرامز جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اسان هن پروجيڪٽ ۾ ٻارن جي نفسيات کي سامهون رکيو، جنهن سبب ٻار هن ۾ وڏي دلچسپي ڏيکارين ٿا.
سينئر اداڪار اياز خان چيو ته جيئن انور مقصود لاجواب ڪم ڪيو آهي، تيئن سندس پٽ بلال به شاندار ڪم ڪري رهيو آهي. تقريب ۾ يونيسيف جي ڊاڪٽر صبا شجاع ۽ پوليو ٽيم جي Melissa Corkum پروگرام جا مقصد بيان ڪيا. ان موقعي تي پڪا دوست – سيزن 4 جي شو ريل به ڏيکاري وئي. مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا ويا ۽ آخر ۾ سڀني لاءِ شاندار ضيافت جو انتظام ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔