بي جي پي ترجمان جي گستاخ بيان خلاف پاڪستان جو احتجاج

ڀارتي حڪمران پارٽي بي جَي پِي جي ترجمان جي گستاخ بيان خلاف پاڪستان سخت احتجاج ڪندي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي

پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته بي جي پي اڳواڻن جا گستاخ بيان برداشت جوڳا نه آهن، اُن سان نه رڳو پاڪستاني عوام، پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن

صدر، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير طرفان گستاخ بيانن جي مذمت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي

پاڪ فوج به بي جي پي اڳواڻن جي گستاخ بيانن جي سخت مذمت ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته بي جي پي اڳواڻن طرفان گستاخ بيان ڏيڻ وارو عمل تڪليف ڏيندڙ آهي، اهڙو عمل ڀارت ۾ مسلمانن سوڌو ٻين مذهبن خلاف نفرت جي نشاندهي ڪري ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔