خواجه آصف پاران سرڪاري آفيسون ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل بند ۽ جمعي تي اڌ ڏينهن تائين کولڻ جي تجويز

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته هڪ هفتي دوران 4 کان 5 ڏينهن تائين آفيسون کوليون وڃن، جنهن سان بجلي ۽ پيٽرول بچي سگهي ٿو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته جمعي تي اڌ ڏينهن، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل ڪئي وڃي، هڪ هفتي دوران آفيسن اندر 4 کان 5 ڏينهن ڪم ٿئي جنهن جو وقت هڪ ڪلاڪ تائين وڌايو وڃي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته ايئن ڪرڻ سان رستن تي ٽريفڪ به گهٽ ٿيندي جڏهن ته بجلي ۽ تيل جي به بچت ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔