ملڪ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ڪابينا ۾ اهم فيصلا متوقع

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا پاران ملڪ ۾ جاري بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ اهم فيصلا متوقع آهن .

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو ، جنهن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ طريقا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي .

 ذريعن موجب وفاقي ڪابينا مارڪيٽ شام ستين وڳي بند ڪرڻ ۽ ڇنڇر واري موڪل بحال ڪرڻ بابت به ڪوئي فيصلو ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ڪابينا اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدار بجلي جي لوڊشيڊنگ جو پلان پڻ پيش ڪندا .

ٻئي پاسي وزير دفاع خواجا آصف توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ هفتي ۾ ٻن موڪلن جي صلاح ڏني آهي . ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته موجوده حالتن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر ۽ آچر جو ڏهاڙو  مڪمل موڪل هجي ۽ جمعي جو اڌ ڏينهن ڪم ٿئي يعني هفتي ۾ ساڍا چار ڏينهن ڪم ٿئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔