مريم نواز آڊيو ليڪ: پارلياماني سيڪريٽري جو پيمرا چيئرمين کي خط، ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد: پارلياماني سيڪريٽري عاليه حمزه پيمرا چيئرمين کي خط لکي مريم نواز جي مبينا آڊيو جي حوالي سان سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

عاليه حمره جو چوڻ آهي ته مان اڳ ۾ به ٻه خط لکي چڪي آهيان، پر هن وقت تائين جواب ناهي مليو، هڪ ڀيرو وري توهان کي مريم صفدر جون لڳاتار ايندڙ آڊيوز بابت لکيو آهي

هن چيو آهي ته مريم نواز جي آڊيو ليڪ آزاد ميڊيا جي غير جانبداري تي سوال اٿاري رهيو آهي ۽ مريم صفدر مبينا آڊيو ۾ سينيئر صحافي حسن نثار ۽ ارشاد ڀٽي تي الزام مڙهي رهي آهي

عاليه حمزه چيو آهي ته مرصم صفدر سينيئر تجزيي گارن بابت غير اخلاقي لفظ استعمال ڪيا آهن، ليڪ آڊيو ۾ مريم نواز ۽ پرويز رشيد صحافين کي ڀوڪڻ وارو ڪتو قرار ڏنو

عاليه حمزه خط ۾ لکيو آهي ته مبينا آڊيو ۾ پرويز رشيد، مريم فصدر کي جيو گروپ کي هدايت ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هو سينيئر صحافي حسن نثار، ارشاد ڀٽي، مظهر عباس، ستار بابر تي ن ليگ جي موقف جي خلاف وڃڻ تي ڪڌا الزام هڻي رهي آهي

هن چيو ته مبينا آڊيو ۾ مريم صفدر ٻه ٽوڪريون نصرت جاويد ۽ راڻا جواد کي موڪلڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، هنن ماڻهن جو ڪردار ۽ ڪارڪردگي ٻڙي ۽ پيسن جي زور تي صحافت کي خريد ڪري پنهنجي حق ۾ پروگرام ڪرايا ويندا آهن

حاليه حمزه چيو ته جيڪو ن ليگ جي حق ۾ نٿو ڳالهائي انهن کي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون، ڇا هي ميڊيا ۽ صحافين جي ٽوٽل اوقات انهن نا بالغ قومي ليڊرن جي نظر ۾؟ هنن جو مڪروهه چهرو عوام جي سامهون بي نقاب ٿي رهيو آهي

هن خط ۾ لکيو ته انهن ماڻهن پنهنجي ڪرپشن کي عوام کان لڪائڻ لاءِ هر اداري ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي پاليو، ميڊيا جي آزادي کي ن ليگ مافيا يرغمال بڻائي رهي آهي، صحافتي تنظيمون پڇن ٿيون ته هي جوابدار اظهار جي آزادي کي ڪيئن دٻائي سگهي ٿو؟

هن چيو آهي ته ڇا جوابدار مريم صفدر جيو نيوز ايڇ آر يا پروگرام ڪوآرڊينيٽر؟ جيڪو جيو تي پنهنجي من پسند خبرون ۽ من گھڙت خبرون جيو تي هلائڻ جون هدايتون ڏيئي ٿي، سڄي ميڊيا انهن چند ڪرپٽ ماڻهن وٽ يرغمال آهي، اميد آهي ته پيمرا مريم صفدر ۽ پرويز رشيد جو احتساب ضرور ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔