صوبن کي حق ڏيڻ سان پاڪستان مضبوط ٿيندو: اسماعيل راهو

ڪراچي: صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته اسان لاءِ خوشي جو مقام آهي جو اڄ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪراچي يونيورسٽي قائم ٿيڻ وقت سنڌي ڊپارٽمينٽ هجي ها ته اڄ 70 سال ملهايا وڃن ها

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته، چيو پيو وڃي ته صوبائي خودمختياري رهي ته پاڪستان ڪمزور ٿي ويندو، پر ائين ناهي، جيڪڏهن اسان پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي صوبن کي حق ڏيڻا پوندا

هن چيو آهي ته مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سڀني ٻولين جا ماڻهو اڄ به قومي حيثيت لاءِ ڊوڙي رهيا آهن، پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو آهي ته صوبن کي حق ڏيڻا پوندا

اسماعيل راهو چيو ته ڪيترائي صوبا اڃا تائين مطمئن ناهن، 18هين ترميم گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن آئين 70 کان اڳ ٺهي وڃي ها ته بنگلاديش ٺهڻ جي نوبت ئي نه اچي ها

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔