لاپتا ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وفاق، صوبائي حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کان جواب طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري اسرار احمد ۽ ٻين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل شهرين کي فوري طور تي بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ ٻين کان 7 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو

درخواستگذار چيو ته اسرار احمد 19 نومبر تي دوستن سان گڏ ڪوئيٽا ويو هو، ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود اسرار احمد جو ڪٿي به پتو ناهي پئجي سگهيو، گم ٿيل شهرين جون زندگيون خطري ۾ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔