مٺي: چيف جسٽس جي آمد، سنڌ سرڪار پريشانين جو شڪار

مٺي: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حمد جي 7 جنوري تي ٿر آمد واري ڳالهه تي سنڌ سرڪار پريشانين جو شڪار ٿي وئي, سنڌ حڪومت ٿر ۾ صحت جون بنيادي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي بعد هڪ مهينو اڳ مقرر ڪيل ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر نند لال ڏيواڻي کي بدلي ڪري ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

سنڌ سرڪار ڊاڪٽر نند لال ڏيواڻي کي بدلي ۽ پير غلام حسين کي نئون ڊي ايڇ او مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر نند لال هڪ مهينو کن اڳ ٿرپارڪر جو ڊي ايڇ او مقرر ٿيو هو

سنڌ سرڪار چيف جسٽس جي آمد کان اڳ علاج جون سهولتون بهتر ڪرڻ بدران آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جي بدلين ۽ مقررين واري عمل ۾ سرگرم آهي، جنهن حوالي سان سنڌ سرڪار چيف جسٽس جي کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اسپتالن کي رنگ روغن ۽ صفائي ذريعي چمڪائي ڇڏيو پر ٿر جي اسپتالن ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪابه زحمت نه ڪئي

صوبائي وزيرن جي موجودگي دوران مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي 4 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ به سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي ناڪاره ڪارڪردگي جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔