سنڌ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سروسز جي ڪامورن جون 602 پوسٽون خالي پيل

ڪراچي: سنڌ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سروسز جي ڪامورن جون فيلڊ ۽ سيڪريٽريٽ ۾ گريڊ 17هين کان گريڊ 21هين جون 602 پوسٽون خالي پيل آهن

صوبي ۾ مجموعي طور تي 1753 پوسٽون موجود آهن جن مان 602 پوسٽون خالي پيل هجڻ سبب وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي

سنڌ ۾ گريڊ 17هين جي سيڪشن آفيسرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن، چيف ميونسپل آفيسرن جا ڪيترائي عهدا خالي پيل آهن

18هين گريڊ جي ڊپٽي ڪمشنرن، ڊپٽي سيڪريٽرين، ڊائريڪٽرن، 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽريٽرين، ڊپٽي ڪمشنرن، پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن مينيجنگ ڊائريڪٽرن جا عهدا خالي آهن

20هين گريڊ جي سيڪريٽرين، ڪمشنرن سميت ٻين عهدن تي به ڪامورن جو بحران آهي، 21هين گريڊ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽرين جون به 12 پوسٽون خالي آهن

خالي پيل پوسٽن ۾ گريڊ 17هين کان گريڊ 21 تائين وفاقي سروسز پي اي ايس جي ڪوٽا واريون 425، 17هين کان 21 هين گريڊ تائين صوبائي سروسز جي ايڪس پي سي ايس گروپ جون 96 پوسٽون ۽ 17هين کان 21هين گريڊ تائين صوبائي سيڪريٽريٽ سروسز گروپ جون 81 پوسٽون خالي پيل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔