ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي: پنجاب جي علائقي ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب ٽوبه ٽيڪ سنگهه ويجهو ڳوٺ ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن، فوت ٿي ويلن ۾ 5 ڇوڪريون به شامل آهن

ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته گهر ۾ لڳل باهه تي به ضابطو آندو ويو آهي

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس پاران واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔