جھاز ۾ خرابي: اسلام آباد کان سعودي ويندڙ اڏام حادثي کان بچي وئي

اسلام آباد: اسلام آباد کان سعودي عرب ويندڙ جهاز حادثي کان بچي ويو، ذريعن موجب خانگي ايئر لائن جي اڏام ۾ ٽيڪ آف دوران فني خرابي پيش آئي، جنهن کانپوءِ جهاز جي ڪپتان ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کان 2 ڀيرا لينڊ ڪرڻ جي اجازت گهري

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتان جي درخواست تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر ڪپتان کي فوري ٽيڪنيڪل لينڊنگ جي اجازت ڏني جنهن تي ڪپتان مهارت سان جهاز کي لينڊ ڪيو

ذريعن موجب جهاز جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ اڏام منجهند ڌاري رواني ٿيندي، ايئرپورٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته مسافر لائونچ ۾ آهن ۽ انهن جو خيال رکيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔