هر پارٽي چاھي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ اُن جي مٿي تي هٿ رکي: شيخ رشيد

راولپنڊي : وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جي ڏيهه واپس اچڻ يا نه اچڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو، نواز شريف کي اچڻو آهي ته تاريخ ٻڌائي، آئون شيخ هجڻ باوجود پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ وٺي ڏيندس

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڪجهه نه ٿيندو، عمران خان پنج سال پورا ڪندو ۽ ايندڙ چونڊون زوردار طريقي سان وڙهنداسين

ھن چيو تھ هر پارٽي چوي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ اُن جي مٿي تي هٿ رکي، اسٽيبلشمينٽ چوي ٿي ته اُها چونڊيل حڪومت جو ساٿ ڏيندي، اپوزيشن کي جيڪو پيٽ ۾ سور آهي، اُهو ميڊيا تي نٿو ٻڌائي سگهان، پي ڊي ايم 23 بدران 30 مارچ تي لانگ مارچ ڪري، نه ته هو پاڻ خراب ٿيندا ۽ مون کي به خراب ڪندا، مني بجيٽ سان قيامت نه ايندي، مني بجيٽ پاس ٿي ويندي، اسان روز روئڻ وارا اتحادي نه آهيون، هر حال ۾ عمران خان سان گڏ آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔