ڀارت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي

ڪراچي: ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ذريعن موجب پاڪستان ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن کي سنڌو درياءَ تي ڀارت پاران ڇهن تڪراري منصوبن جي تعمير تي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته هندستاني انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا جي جي مارچ 2022 ۾ اچڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽيڪنيڪل وفد سان گڏ سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دورو ڪندو

ذريعن موجب ڀارت سنڌو درياءَ تي 12 ميگا واٽ جو هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽ ٺاهي رهيو آهي ۽ ڀارت 19 ميگا واٽ جو ڊربڪ شيوڪ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ پڻ تعمير ڪري رهيو آهي جڏهن ته هن 24 ميگا واٽ جو نيمو شيلنگ پراجيڪٽ ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت 25 ميگاواٽ ڪارگل هينڊرمين، 19 ميگاواٽ منگدام سنگرا ۽ 18.5 ميگاواٽ اسنوڪ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تعمير جو به اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڀارت وٽ سنڌو نديءَ کان علاوه گنگا ۽ برهم پترا جهڙن واٽر سسٽم پڻ آهن

ذريعن موجب پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر 29 سيپٽمبر تي پنهنجي ڀارتي هم منصب کي خط لکيو هو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔