عوام مٿان هڪ ڀيرو وري بجلي ڪيرائڻ جون تياريون، فيصلو محفوظ

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي چيئرمين سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) ۽ نيشنل پاور ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن (اين پي سي سي) کان بجلي جي مهانگي پيداوار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ 4 رپيا 33 پئسا في يونٽ واڌ جي سي پي پي اي ۽ اين پي سي سي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

درخواستگذارن پاران نيپرا جي چيئرمين کي آگاهي ڏني وئي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ اضافو ٿيو، بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سمورن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي لاءِ آهي

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي پي پي اي جي درخواست موجب نومبر لاءِ  35 ارب 70 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو, چيئرمين نيپرا چيو ته توهان رڳو بجلي پيدا ڪريو ٿا، توهان نٿا ڏسو ته هي ڪيڏو مهانگو پلانٽ آهي، اسان 3 سالن جو آڊٽ ڪرائيندا آهيون ته ڪهڙي پلانٽ ڪيتري بجلي پيدا ڪئي

ان موقعي تي چيئرمين نيپرا بجلي جي مهانگي پيداوار تي سي پي پي اي ۽ اين پي سي سي تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو

نيپرا چيئرمين چيو ته نومبر ۾ بجلي جي کپت 14 سيڪڙو وڌيو آهي، جن صارفين جا بل وڌيڪ اچن ٿا اهي اسان جي مقامي آفيسن سان رابطو ڪن

هن چيو ته مان پنهنجو بجلي جو بل ڏسي حيران ٿي ويس، منهنجي فيول ايڊجسٽمينٽ جو بل به تمام گهڻو آيو، نومبر لاءِ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اضافو 3 رپيا 33 پئسا في يونٽ ٺهندو

چيئرمين نيپرا چيو ته فيصلو سمورن معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ جاري ڪيو ويندو، جنهن بعد نيپرا ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔